چين پاران پاڪستان-ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ثالثي جي آڇ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چين پاڪ ايران ڇڪتاڻ تي ثالثي جي آڇ ڪئي آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي ڪراچي ۾ چين جي قونصل جنرل يانگ يوڊونگ چيو آهي ته پاڪ ايران اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا.يانگ يوڊونگ چيو ته پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو، ٻنهي ملڪن کي چيو ته هو تحمل کان ڪم وٺن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب لاڳاپا اڳتي وڌائين.قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته لاڳاپن کي عالمي قدرن جي مطابق وڌائڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ايران گڏجي ويهي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته چين-پاڪستان-ايران اختلافن جي حل لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو