بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان فون تي رابطو ڪيو.چيني ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي فالو اپ جي حمايت سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي شي جن پنگ چيو آهي ته اميد آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ڳالهين جي نتيجن جي بنياد تي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪندا.هن چيو ته چين ۽ سعودي عرب لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بنيادي مفادن جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ڪندا.چيني صدر چيو ته چين ۽ سعودي عرب وچ اوڀر ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ لاءِ وڌيڪ تعاون ڪندا.ميڊيا رپورٽن موجب چيني صدر ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ سرپرائز ڊيل ۾ مدد ڪئي.










