چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي حمايت ناهي ڪئي: پ پ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته اسان سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي حمايت ناهي ڪئي. پ پ اڳواڻ شيري رحمان بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي حمايت ناهي ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته اسان وقت تي چونڊون چاهيون ٿا، پ پ وقت سر شفاف چونڊون چاهي ٿي. هن چيو ته چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ سپريم ڪورٽ ڏني آهي، اسان جون چونڊن جي حوالي سان تياريون مڪمل آهن، چونڊن لاءِ سمورن اميدوارن کي فائنل ڪري ورتو آهي. سندس موجب ٺهراءُ رڳو 14 سينيٽرن جي موجودگي ۾ پيش ڪيو ويو، ڪورم پورو نه هو، اسان جي سينيٽر ان جي مخالفت ڪئي آهي، جيڪڏهن ان جي مخالفت واضح نه هئي ته پارٽي ان کان وضاحت گهرندي.

پهنجو تبصرو موڪليو