چونڊون فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته چونڊون فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ٿينديون، نواز شريف جي نااهلي ختم ٿي چڪي آهي، جنهن ڪيس ۾ کيس سزا ڏني وئي اها ڪمزور آهي.ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هو پنهنجي سزا خلاف اپيل ڪندو، جنهن ۾ ضمانت منظور آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته چونڊون فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ٿينديون، چونڊون تڪبندين کانپوءِ ٿينديون. هن چيو ته تڪ بندين جو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان نٿو ڪري سگهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته چونڊن کان اڳ ٽرانسفر پوسٽنگ ٿيندي آهي، پ پ تي تنقيد جو ڪو جواز ناهي، چونڊن کان اڳ ٽرانسفر پوسٽنگ جو داستان پ پ لاءِ مناسب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو