چونڊون شفاف نه ٿيون ته سياستدان ءٍ عوام نتيجا نه مڃيندا

ملتان (ويب ڊيسڪ)پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل چونڊون آهن، جيڪڏهن شفاف چونڊون نه ٿيون ته سياستدان ۽ عوام نتيجا قبول نه ڪندا. ملتان جي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته هن وقت رڳو پيپلز پارٽي چونڊون گهرائي رهي آهي، سموريون پارٽيون گڏجي روڊ ميپ تي ڪم ڪن. هن چيو ته پي ڊي ايم جو مختصر وقت ۾ ڪو حل ناهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، اسان جا مسئلا ايترا وڏا نه آهن جو حل نه ٿين. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته پاڪستان کي چارٽر آف اڪانومي جي ضرورت آهي، انتظاميه جي قدمن سبب ڊالر مارڪيٽ ۾ آيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي مفاد ۽ عوام جي مفاد جي ڳالهه ڪندي آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي تمام گهڻي آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام ضروري آهي. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عزم جي ضرورت آهي، ڪنهن حڪومت تي الزام هڻڻ نه ٿو چاهيان، حڪومت ٺاهڻ لاءِ اليڪشن وڙهنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر هنڌ تان اليڪشن وڙهنداسين ۽ اليڪشن وڙهڻ هر پارٽي جو حق آهي پر چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن. پ پ جي سينيئر اڳواڻ اهو به چيو ته سياسي اتحاد جي ڳالهه اڃا وقت کان اڳ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو