چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن کي گرفتار ڪنداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو آهي ته چونڊن دوران هٿيارن جي نمائش ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪنداسين.سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احمد شاهه چيو ته چونڊن دوران هٿيارن جي نمائش تي زيرو ٽالرنس آهي، هٿيارن جي نمائش تي گرفتاريون ٿينديون ۽ ايف آءِ آر به ڪاٽينداسين. هن چيو ته ڪچي جي ڀرپاسي ۾ عارضي پولنگ اسٽيشنز ٺاهيون پيون وڃن، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز ۾ بيلٽ پيپر پهچي چڪا آهن، ڪراچي ۾ چونڊ سامان سڀاڻي کان ورهائجڻ شروع ٿي ويندو، اڄ ايپڪس ڪميٽي ۾ اعليٰ قيادت سميت سڀني ايجنسين جا نمائندا موجود هئا، انفارميشن کاتو سڀاڻي کان اليڪشن سيل فعال ڪندو، سڄي سنڌ جون خبرون اليڪشن سيل مان ملنديون. سندس چوڻ هو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ موبائل فون سروس بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪو معاملو بحث هيٺ نه آيو، صورتحال هن وقت ڪنٽرول ۾ آهي. احمد شاهه چيو ته ملڪ دشمن طاقتون دهشتگردي جو منصوبو ٺاهي رهيون آهن، سڀني ايجنسين جو چوڻ آهي ته ڪچي جو آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، چونڊن کان پوءِ نه ڪو دشمن فائدو کڻي، ان لاءِ به الرٽ رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو