چونڊن جي تاريخ ۾ صدر جو ڪو به ڪردار ناهي: دلشاد

لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تحت چونڊن جي تاريخ ۾ صدر جو ڪو به ڪردار ناهي، اليڪشن ڪميشن جو مضبوط موقف اهو آهي ته صدر سان مشاورت ڪئي وڃي. ڳالهائيندي اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ نگران وڏي وزير پنجاب جي قانون واري صلاحڪار ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 57 تحت اليڪشن ڪميشن صدر جي خط جو جواب ڏنو. اليڪشن ايڪٽ تحت چونڊن جي تاريخ ۾ صدر جو ڪو به ڪردار ناهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو مضبوط موقف آهي ته صدر سان صلاح مشوري بيڪار آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آئين ۽ قانون موجب درست آهي.صدر کي رياستي اليڪشن ڪميشن جي مضبوط موقف خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ناهي.اليڪشن ڪميشن جو خط قانون واري وزارت کي موڪليو ويو ۽ قانون واري وزارت به ساڳيو موقف اختيار ڪيو.ڪنوردلشاد چيو ته صدر جيڪا مشق ڪئي آهي اها غير منطقي آهي ۽ ان جو آئين ۽ قانون سان ڪو به تعلق ناهي. سي سي آءِ جي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ بندين کي ٻيهر ورهائڻ جو پابند آهي.اليڪشن ڪميشن آئين تحت ٻيهر تڪ بندين لاءِ روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو آهي.تڪ بندين کانپوءِ ووٽر لسٽن جو ڪم شروع ٿيندو، ان ۾ به ٽي مهينا لڳندا.اڳوڻي سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن مارچ جي مهيني ۾ چونڊ شيڊول جاري ڪندي، اليڪشن شيڊول ۾ به 2 مهينا لڳندا، ان ڪري مون کي نظر نه پيو اچي ته ايندڙ عام چونڊون مئي 2024 کان اڳ ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو