چور دڪانن جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامان ٻُهاري ويا

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) نامعلوم چور ڊکڻ ناڪي وٽ دڪاندار محمد يعقوب منگي، شوڪت منگي ۽ ڪريم داد سومرو جي دڪانن جا تالا ٽوڙي دڪانن ۾ پيل روڪ رقم ۽ لکين روپين جو ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ دڪاندارن محمد يعقوب، شوڪت منگي ۽ ڪريم داد سومرو جو چوڻ آهي ته چورن اسان جي دڪانن جا تالا ٽوڙي هزارين روپيه روڪ ۽ لکين روپيه ماليت جو سامان چوري ڪري ويا آهن پر پوليس چورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن چيو ته اسان جي دڪانن مان ٿيل چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين گلزار احمد ٻرڙو ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته چور ڊکڻ ناڪي وٽ  دڪانن جا تالا ٽوڙي چوري ڪري رهيا آهن اسان اطلاع تي پهتاسين ته چور اسان کي ڏسي فرار ٿي ويا ۽ دڪاندارن جي ڪا به چوري نه ٿي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو