چنڊ گرهڻ جا ڪهڙن حرفن جي نالن وارن تي ڪهڙا اثر ٿيندا؟

چنڊ گرهڻ جا ڪهڙن حرفن جي نالن وارن تي ڪهڙا اثر ٿيندا؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڇنڇر 28 آڪتوبر تي چنڊ گرهڻ آهي ۽ ايسٽرولوجي جي ماهرن جو خيال آهي ته چنڊ گرهڻ جا اسانجي زندگي تي منفي ۽ مثبت اثر ٿيندا آهن. ان حوالي سان نامياري ايسٽرولوجر ڀڳوانداس جٽيا هندي واري مشهور لال ڪتاب جي بنياد تي 12 ئي برجن ۽ مختلف حرفن وارن نالن تي ان جي پوندڙ اثرن بابت تحقيق بعد هيٺين رپورٽ تيار ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته چنڊ گرهن جا اثر ٻن مهينن تائين جاري رهندا.
برج حمل
ا آ ل چي ، هنن حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو سخت اندروني ۽ ٻاهرين دٻاءَ
۽ مخالفت باوجود مختلف معاملن تي سندن دسترس رهندي. سندن رڪيل ڪمن ۾ سڌارو ايندو. آصف علي زرداري جي سياست تي گرفت مضبوط ٿيندي.
ثور
ع ب و اي. وارن حرفن جي نالن وارن ماڻهن جي طبيعت ۾ خلفشار پيدا ٿيندو پر ساڳئي وقت قانوني معاملن ۾ سندن گرفت مضبوط ٿيندي. بلاول ۽ عمران خان کي قانوني طور فائدو ٿي سگهي ٿو.
جوزا
ح، ڇ، ھ، ق، ڪ، حرفن جي نالن وارن کي شخصي فائدو ملندو. گهريلو، ڪاروباري معاملن ۾ خوشخبري ۽ فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو.
سرطان
ھي، ھو ، سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي گهرو خرچن ۾ اضافو ٿيندو پر مجموعي طور صورتحال نارمل رهندي.
اسد
م، مي، ٽ ، ٺ ، حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهن جي ذهني ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي. کين سڪون نصيب ٿيندو ۽ ڪا خوشخبري به ملي سگهي ٿي.
سنبلا
پ، پي، پو، لفظن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو ذهني پريشاني، ڇڪتان، ڪاوڙ جو شڪار رهندا. خرچن ۾ به اصافو ٿيندو، انهن حرفن جي نالن وارا ماڻهو بحث تڪرار کان پاسو ڪن.
ميزان
ر ، ت ، ط ، حرفن وارن نالن جي ماڻهن کي معدي ۾ گرمائش جي تڪليف رهندي، مٽن مائٽن سان جهيڙي ۽ تڪرار جو امڪان رهندو، طبيعت ۾ ڪاوڙ رهندي ۽ خرچ ۾ اضافو ٿيندو، ان ڪري احتياط ڪن.
عقرب
ن، ظ، ز ، ي، سان شروع ٿيندڙ نالن وارن کي به احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڇو ته سندن طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ جذباتي رهڻ جو امڪان آهي.ڪا غلطي ڪري سگهن. نواز شريف جوش ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ڪو غلط فيصلو ڪري سگهي ٿو جنهن سان طبيعت ڊسٽرب ٿي سگهي ٿي ۽ تڪرار وڌي سگهي ٿو.
قوس
ڀ، ف، ڦ، ڌ ، ڊ، سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي معدي ۾ گرمائش رهندي، خرچ ۾ اضافو ٿيندو، طبيعت ۾ خلفشار رهندو پر کين شخصي فائدو ملي سگهي ٿو.
جدي
ج، خ ، ک ، سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي مزاج تي هن چنڊ گرهڻ جو ڪو خاص اثر نه ٿيندو ۽ صورتحال نارمل رهندي.
دلو
ش، س، ص، گ،غ ، حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو ذهني ڪشمڪش رهندي پر شخصي طور فائدو ملندو ۽ گهريلو خوشخبري ملي سگهي ٿي. هي ماڻهو پيٽ جي بيمارين جو شڪار به ٿي سگهن ٿا.
حوت
جھ، ٿ، د، چ ، چا، حرفن جي نالي وارا اندروني ۽ باهرين خلفشار مان آجا ٿيندا ۽ کين سڪون ملندو ۽ ڪشمڪش گهٽ ٿيندي.
صدقو ( دان) : چنڊ گرهڻ جي منفي اثرن کان بچڻ لاءِ پيالي ۾ديسي گيهه ڀري ان ۾ پنهنجو منهن ڏسجي. ڪو به ڪپڙو يا فروٽ ڪنهن غريب کي خدا واسطي ڏجي.

پهنجو تبصرو موڪليو