چنڊ نظر اچي ويو خميس تي پهريون روزو رکڻ جو اعلان

چنڊ نظر اچي ويو خميس تي پهريون روزو رکڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ رمضان المبارڪ ج چنڊ ڏسن جي ڪا شهادت سامهون ناهي آئي جنهن سبب امڪان آهي ته پهريون روزو جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي پر رات دير سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سڀاڻي 23 مارچ خميس تي روزي جو اعلان ڪيو آهي.  سعودي عرب ۾ سڀڻي پهريون روزو رکيو ويندو. پنجاب زونل ڪميٽي جي سربراهه طاهر رضا بخاري لاهور سميت سڄي صوبي ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته چنڊ نظر اچڻ جو حتمي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي. ان کان علاوه سنڌ ۽ ڪوئيٽا ۾ به رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر نه آيو ۽ نه ئي ڪا شاهدي ملي. ياد رهي ته افغانستان، ڀارت، بنگلاديش ۾ به چنڊ نظر ناهي آيو.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جو با ضابطه اعلان ڪندي چيو ته 23 مارچ تي پهريون روزو ٿيندو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين جي اهڙي غير متوقع اعلان بعد مسجدن مان سڀاڻي روزي جا اعلان ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن پهريون روزو ٿيڻ سان حڪومت ۽ ملڪ لاءِ ڀاري ثابت ٿين واري وسوسي سبب رات دير سان اهڙو اعلان ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو