چلهه جي چڻنگ مان گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

سوسائٽي (غلام رسول مھر) ڳوٺ ابراھيم مھر ۾ رسول  بخش شيخ، الاھي بخش شيخ، چنڊ شيخ جي گھرن کي چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي،گھرن جو سمورو قيمتي سامان کٽون، رليون، ٽيھ مڻ ڪڻڪ، پکا،ٽريڪٽر جا ٽائر ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

ٽي ايم او خانگڙھ کي اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ بالٽيون کڻي نلڪن مان پاڻي ڀري باھ کي وسايو. معصوم  ٻار جيڪي گهرن ۾ ستل هيا انهن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو. متاثرن پاران ڊپٽي ڪمشنر ضلعي چيئرمين گھوٽڪي کان مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو