مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوت

ڄامشورو:(ن س) ڄامشورو ڀرسان پراڻي ٽول پلازه وٽ قومي شاھراھ تي مسافر ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ گلشن شهباز واسي موٽرسائيڪل سوار پيءۡ ۽ پٽ موقعي تي فوت جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو. فوتين جي سڃاڻپ غلام نبي گاڏھي ۽ سندس پٽ امير علي گاڏھي طور ٿي آهي سندس ڀاڻج علي حيدر گاڏھي زخمي ٿي پيو پوليس پهچي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءۡ ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو