ڄامشورو ۾ روڊ حادثو ،عورتن ۽ ٻارن سميت 20 مسافر زخمي

ڄامشورو:(ن س) ڄامشورو ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 20 مسافر زخمي ٿي پيا آهن، ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ مدني ڪوچ اڪرو ٽول پلازه ڀرسان تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 مسافر زخمي ٿي پيا.اهڙي اطلاع باوجود ڄامشورو توڙي موٽر وي پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکي ۽ 2 ڪلاڪ دير سان پهتي، علائقي واسين زخمين کي ڪوچ مان ٻاهر ڪڍيو، زخمين کي لمس اسپتال پهچايو ويو، زخمين جي سڃاڻپ علي اصغر خروس، عمران کوکر، خليل احمد ڪانڌڙو، اختر کوکر، روبينه کوکر، مسڪان، اعجاز کوکر، دين محمد ميوو، محمد علي ميوو، صاحب خاتون مهيسر، بلاول سولنگي، خليل سولنگي، فهميده سولنگي، سندس معصوم پٽ سلام سولنگي، زاهد شيخ، ارشاد خاتون جلباڻي، منظور زال عبدالحميد ڀٽو، نصرالله ڀٽو طور ٿي.معمولي زخمين کي طبي امداد ڏئي روانو ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو