لاهور(ويب ڊيسڪ)ڀارت طرفان درياءِ ستلج ۾ پاڻي ڇڏڻ بعد پاڻي جي سطح ۾ اضافي سبب سيلابي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڀارت جي اضافي پاڻي ڇڏڻ سبب هيڊ سليمانڪي ۽ هيڊ اسلام تي به پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي. درياهه ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ ڪري بهاولپور ۾ ڊيرا بکهه ڀرسان زميندارا بند ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ايڪڙ تي بيٺل تيار فصلون پاڻي هيٺ اچي ويون ۽ ايمپريس برج تي به دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي. قصور ۾ گنڊا سنگه والا سان لاڳاپيل ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري فصلن کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته پاڪپتن ۽ عارفوالا ۾ سيلابي صورتحال سبب احتياطي قدم کنيا ويا آهن. ٻئي پاسي درياءِ سنڌ ۾ تونسا وٽ اونچي سطح جو وڏو سيلاب آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تونسا جون 60 کان وڌيڪ بستيون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، جڏهن ته تونسا، دراهمه ۽ غازي گھاٽ جي ڪچي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ انتظاميه ماڻهن کي لڏپلاڻ جي هدايت ڪئي آهي.










