ڀارت: بس کي باهه، ٻارن سميت 25 ڄڻا سڙي فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ هاءِ وي تي مسافرن سان ڀريل بس کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 25 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ سمروڌي مهامارگ ايڪسپريس وي تي مسافرن سان ڀريل بس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 25 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن مطابق پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو رات دير سان پيش آيو، بس ۾ 33 ڄڻا سوار هئا، جيڪا مسافرن کي کڻڻ لاءِ پوني وڃي رهي هئي.ٻئي طرف پوليس واقعي جا تفصيل ڏيندي ٻڌايو آهي ته حادثو ايڪسپريس وي تي مسافر بس سان ٽڪرائجڻ سبب پيش آيو، جنهن سبب بس ڪلٽي ٿي وئي ۽ باهه پکڙجي وئي.پوليس موجب بس ڪلٽي ٿيڻ کانپوءِ بس جو دروازو بند ٿي ويو جنهن مان مسافر ٻاهر نه نڪري سگهيا ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو فوت ٿي ويا پر بس ڊرائيور خوش قسمتي سان بچي ويو.پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو