سرحدي خلاف ورزي، پاڪستان جو ڀارت ۽ افغانستان سان احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان سرحدي خلاف ورزين تي ڀارت ۽ افغانستان جي سفارتڪارن کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪري سخت احتجاج نوٽ ڪرايو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان داڪٽر فيصل موجب ٻنهي ملڪن جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنرز کي طلب ڪري  احتجاجي خط حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڇنڇر تي فوجي ترجمن ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو هو ته اتر وزيرستان ۽ افغانستان بارڊر تي پاڪ فوج تي دهشتگردن جي حملي جا 2 ڌار ڌار واقعا پيش آيا آهن جن ۾  4 فوجي اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو. جوابي ڪاروائي ۾ 2  دهشتگرد به مارجي ويا هئا. فوجي ترجمان موجب پهريون واقعو اتر وزيرستان ۾ جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان ان وقت پيش آيو جڏهن فوج جي گشتي پارٽي تي شرپسندن حملو ڪيو، جنهن ۾ بلتستان سان تعلق رکندڙ 23 سالن جو  اختر حسين شهيد ٿيو، جوابي ڪاروائي ۾ 2  شرپسند به مارجي ويا. ٻيو واقعو پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائيندڙن تي حملي جو پيش آيو.

جنهن ۾ 3 جوان شهيد ٿيا. انهن مٿان افعانستان مان دهشتگردن فائرنگ ڪئي. شهيد ٿيلن ۾  28 سالن جو لانس نائڪ سعد امين آفريدي، 31 سالن جو لانس نائڪ شعيب سواتي مانسهره ۽ 22 سالن جو  نوشهرو جو سپاهي ڪاشف علي شامل آهن. فوجي ترجمان موجب ان کانسواءِ ڇنڇر تي ڪنٽرول لائن تي حاجي پير سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ پڻ هڪ حوالدار ناصر حسين شهيد ٿي ويو. 33 سالن جو ناصر حسين 16 سالن کان پاڪ فوج ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو ۽ سندس واسطو پنجاب جي علائقي نارووال سان آهي. واضح رهي ته ڀارتي فورس جي خميس تي  به ايل او سي تي ساڳئي سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ سبب سپاهي غلام رسول شهيد ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو