اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي هوائي حدن کي ڀارتي شهري ۽ فوجي جهازن لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي هڪ مهيني لاءِ وڌيڪ وڌائي وئي آهي، جيڪا هاڻي 24 جون تائين لاڳو رهندي۔ اها ڄاڻ اڱاري ڏينهن پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي پاران جاري ڪيل “نوٽس ٽو ايئر مين” (NOTAM) ۾ ڏني وئي آهي۔
پابندي جي اڳوڻي مدي جو خاتمو 24 مئي تي ٿيڻ وارو هو۔ نوٽام موجب پابندي ۾ واڌ 19 مئي صبح 10 لڳي 40 منٽن کان لاڳو ٿي ۽ اها پابندي 24 جون صبح 4 لڳي 59 منٽن تائين برقرار رهندي۔
نوٽام، موجب “پاڪستان جون هوائي حدون ڀارت ۾ رجسٽرڊ جهازن ۽ ڀارتي ايئرلائينز يا آپريٽرز جي هلائيندڙ، مالڪي يا ليز تي ورتل جهازن لاءِ دستياب نه هونديون، جنهن ۾ فوجي اڏامون به شامل آهن۔”
2022ع جي پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي جي هڪ دستاويز موجب، پاڪستان جي هوائي حدن کي ٻن فلائيٽ انفارميشن ريجنز (FIRs) ۾ ورهايو ويو آهي ــ ڪراچي ۽ لاهور۔ هي نوٽام ٻنهي ڪراچي (OPKR) ۽ لاهور (OPLR) فلائيٽ انفارميشن ريجنز تي لاڳو ٿيندي۔
ڀارت ۽ پاڪستان اپريل 2025ع جي آخر کان هڪ ٻئي جي ايئرلائينز لاءِ پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير جي پهلگام علائقي ۾ هڪ موتمار حملي کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي۔
24 اپريل تي پاڪستان جي اعليٰ فوجي قيادت ڪيترن ئي قدمن جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ ڀارت جي ملڪيت يا ڀارتي آپريٽرز جي سڀني ايئرلائينز لاءِ پاڪستاني هوائي حدن کي فوري طور بند ڪرڻ به شامل هو۔ اهو قدم نئين دهلي پاران پاڪستان خلاف کنيل جارحاڻن قدمن جي جواب ۾ کنيو ويو هو۔
نئين دهلي بغير ڪنهن ثبوت جي الزام لڳايو هو ته اسلام آباد ان حملي جي پٺڀرائي ڪئي، جڏهن ته پاڪستان سختي سان ڪنهن به ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي ۽ غيرجانبدار جاچ جي آڇ ڪئي هئي۔ ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ مئي مهيني دوران شديد هوائي جهڙپون به ٿيون، جن بابت پاڪستان دعويٰ ڪئي هئي ته هن ڀارت جا ست جنگي جهاز ڪيرايا هئا۔










