ڀارتي اداڪار جي 16 ورهين جي ڌي خودڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فلم انڊسٽري جي اداڪار، ميوزڪ ڊائريڪٽر، گلوڪار ۽ فلمساز وجي انتوني جي ڌيءَ جو لاش گهر مان هٿ آيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جي 16 ورهين جي ڌيءَ ميرا ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي، هن مبينا طور تي پاڻ ڦاهي ڏئي خودڪشي ڪئي. سندس لاش 18 سيپٽمبر تي صبح جو 3 وڳي چنائي ۾ سندس گهر ۾ لٽڪيل مليو.ڀارتي ميڊيا موجب ميرا چنائي جي هڪ خانگي اسڪول ۾ 12 هين درجي ۾ پڙهندي هئي.رپورٽن مطابق ميرا کي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب وجي ۽ سندس گهرواري طرفان ان واقعي تي ڪو به سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو