اسلام ڪوٽ (صادق بجير) ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم ڪندڙ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ان جي انتظام هيٺ سماجي ڀلائي وارن ڪمن کي سرانجام ڏيندڙ ٿر فائونڊيشن جي پرائمري اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ مقامي سگهڙن، فنڪارن پنهجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ شاگردن تقريرون ڪري ٽيبلا، خاڪ پيش ڪيا ۽ ثقافتي گيتن رقص پڻ ڪيو. جڏهن ته ٻارڙن راندين جو ھفتو ملهائي مختلف قسمن جي راندين ۾ حصو ورتو. انهي موقعي تي سيينٽر جاويد جبار چيو ته تعليم سان گڏوگڏ ٻارن ۾ راندين جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان انهن جي ذهانت ۾ اضافوٿيندو آهي. ٿرفائونڊيشن تعليم جي شعبي ۾ علائقي ۾ غيرمعمولي ڪم انجام ڏيئي رهي آهي. ٿر فائونڊيشن جي تعليم واري شعبي جي مينيجر سبين شاهه چيو ته ٿر فائونڊيشن پاران ٿر فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو مقصد اهو آهي ته محبت ۽ ھم آهنگي کي سنڌ جي اصلوڪي روايتن کي برقرار رکڻ ۽ ثقافت کي ھٿي ڏياري سگهجي ۽ راندين ذريعي اسڪولي شاگردن کي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ذريعي سندن ذهني اوسر ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن تعليمي ميدان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر ٻارڙن جي ذهني نشونما سان گڏ مختلف غير نصابي سرگرمين ذريعي کين هر ميدان ۾ قابل بڻائي سگهجي. تقريب ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي مخدوم ڪاشف قريشي، اينگرو پاورجين ٿر لميٽيڊ جي احمد منيب، فرحان انصاري، ٿر فائونڊيشن جي تيجوير سنگهه، مقامي ڳوٺاڻن سميت شاگردن، استادن سميت ڪمپني عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
عدالتي معاملن ۾ مداخلت،اسلام آباد بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
ناڻي جا ذخيرا مضبوط، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي
9 مئي سانحي جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملا ڪن پيا: عطاءُالله تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا
بشريٰ جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت ڏيو، درخواست ڊي سي حوالي
ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان ناھي،تجزيھ ڪار
علي يونس عاليه رياض سان گڏ تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي
بالي ووڊ ڪنهن جي پيءُ جي انڊسٽري ناهي: وديا بالن
ايران- اسرائيل جنگ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع