ٿر فائونڊيشن پاران ثقافتي تقريب، مچ ڪچهري منقعد

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم ڪندڙ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ان جي انتظام هيٺ سماجي ڀلائي وارن ڪمن کي سرانجام ڏيندڙ ٿر فائونڊيشن جي پرائمري اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ مقامي سگهڙن، فنڪارن پنهجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ شاگردن تقريرون ڪري ٽيبلا، خاڪ پيش ڪيا ۽ ثقافتي گيتن رقص پڻ ڪيو. جڏهن ته ٻارڙن راندين جو ھفتو ملهائي مختلف قسمن جي راندين ۾ حصو ورتو. انهي موقعي تي سيينٽر جاويد جبار چيو ته تعليم سان گڏوگڏ ٻارن ۾ راندين جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان انهن جي ذهانت ۾ اضافوٿيندو آهي. ٿرفائونڊيشن تعليم جي شعبي ۾ علائقي ۾ غيرمعمولي ڪم انجام ڏيئي رهي آهي. ٿر فائونڊيشن جي تعليم واري شعبي جي مينيجر سبين شاهه چيو ته ٿر فائونڊيشن پاران ٿر فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو مقصد اهو آهي ته  محبت ۽ ھم آهنگي کي سنڌ جي اصلوڪي روايتن کي برقرار رکڻ ۽ ثقافت کي ھٿي ڏياري سگهجي ۽ راندين ذريعي اسڪولي شاگردن کي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ذريعي سندن ذهني اوسر ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن تعليمي ميدان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر ٻارڙن جي ذهني نشونما سان گڏ مختلف غير نصابي سرگرمين ذريعي کين هر ميدان ۾ قابل بڻائي سگهجي. تقريب ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي مخدوم ڪاشف قريشي، اينگرو پاورجين ٿر لميٽيڊ جي احمد منيب، فرحان انصاري، ٿر فائونڊيشن جي تيجوير سنگهه، مقامي ڳوٺاڻن سميت شاگردن، استادن سميت ڪمپني عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو