ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي نگران وزيراعظم لاءِ ٻه نالا ڏئي ڇڏيا. ذريعن موجب پ پ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جو نالو ڏنو، جڏهن ته پ پ طرفان اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جو نالو به ڏنو ويو آهي. تصدق جيلاني 11 ڊسمبر 2013ع کان 5 جولاءِ 2014ع تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو آهي، جڏهن ته جليل عباس جيلاني پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو آهي. ياد رهي ته شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي ۽ سمري اڄ صدر کي موڪلي ويندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت لاءِ سڀاڻي ملاقات ڪندا، جنهن ۾ فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.
