پ پ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ۾ يقين رکندي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي تعلقه هالا ضلعي مٽياري ڀٽ شاهه گردوار گرو نانڪ ۾ فائبر شيڊز کي لڳائڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي اسڪيم اقليتي معاملن کاتي مڪمل ڪئي آهي، ساده افتتاحي تقريب ۾ ماڻهن جي وڏي انگ صوبائي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ۽ سنڌ جي روايتي اجرڪ پارايو. ان موقعي تي صوبائي وزير اقليتي معاملن گيانچند ايسراڻي پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ۾ يقين رکندي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي اقليتي برادري جي ڀلائي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هندو، سک، مسيحي ۽ پارسي برادري جي ترقي ۽ خوشحالي پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي، اقليتي برادري جي عبادتگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڪيترن ئي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، گيانچند ايسراڻي چيو ته سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي ۾ اقليتي برادري جي معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ هندو، سک، مسيحي ۽ پارسي برادري کي ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي. سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي ڪيترن ئي ترقياتي اسڪيمن جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ گرجا گهرن ۽ ٻين عبادتگاهن جي مرمت ۽ بهتري جون اسڪيمون شامل آهن، صوبائي وزير چيو ته ان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد هي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿين ان سلسلي ۾ هدايتون ڏنيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو