پ پ اقتدار خاطر سنڌ جي گهٽ آبادي قبول ڪئي:اياز

حيدرآباد/ سرھاڙي (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آدمشماري جي انگن اکرن کي رد ڪندي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ جي 8 ڪروڙ آبادي کي گھٽ ڪري 5 ڪروڙ 56 لک 90 ھزار کي قبول ڪيو آھي. ڪراچي ۾ تعصب پرست ۽ لساني گروهن جا تڪ وڌائڻ لاءِ ھٿرادو نموني آبادي کي وڌايو ويو آھي تہ جيئن اقتدار ۾ اچي سنڌ دشمن فيصلا ڪري سگھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري اقتدار لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو آھي. پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت ڪراچيءَ جي %32 آبادي کي هٿراڌو وڌائي، سنڌ جو %38 بڻائي ڇڏيو آھي. ڪوڙن انگن اکرن لاءِ سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، جتان ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري ٻين علائقن ڏانھن ھليا ويا ھئا، اتي ڪري پيل لکين گھرن جي ڳڻپ نہ ڪئي وئي. 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي کي ڳڻپ ۾ شامل ئي نہ ڪيو ويو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ تعصب پرست ۽ لساني گروهن جي فرمائش تي بار بار مدو وڌايو ويو. لکين افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جعلي آدمشماري سند تي حملو آھي، ان کي ڪڏھن بہ قبول نہ ڪيو ويندو. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ کي نشانو بنايو ويو آھي. ڪوڙي آدمشماري کي سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو رد ڪري چڪا آھن. سپريم ڪورٽ جو ڪوڙي آدمشماري، ھٿرادو ٻوڏ ۽ ڏڪار سان واسطو ناھي. ايم ڪيو ايم ۽ ھڪ مذھبي پارٽي جي چوڻ تي پيپلز پارٽي سنڌ دشمن سازش ڪئي آھي. ايم ڪيو ايم کي غير قانوني پرڏيھين تي اعتراض ناھي. بھارين، بنگالين، برمين تي اعتراض ناھي، انھن کي ڪراچي ۾ ريڙھا ھلائيندڙ ۽ مزدوري ڪندڙ سنڌين تي اعتراض آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. چيف جسٽس صاحب توھان آئين جي خلاف ورزي ڪري سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرائي رھيا آھيو. فوري طور تي ڪوڙي آدمشماري کي ختم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو