پُراسرار بيماري ۾ مبتلا ڳوٺاڻو مسيحا جي انتظار ۾ بستري تي پيل

نارو(ساجد خادم سهتو) ڳوٺ تڙ ٻاڙو جو رهواسي پورهيت غلام قادر سهتو هڪ موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي پراسرار لِڱ سڪائيندڙ بيماري جي ور چڙهي وڃڻ سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بستري تي پيل آھي. پورهيت غلام قادر سهتو گَهرَ ۾ اڪيلو ڪمائڻ وارو هجڻ ڪري بي رحم بيماري جي ور چڙھڻ بعد سندس گَهرَ جو گاڏو ھلڻ تمام گهڻو محال بڻجي ويوآهي. افسوس ته هي پورهيت گذريل ٻارنهن مهينن کان بيوسي ۽ لاچاري واري زندگي گذاري پيو پر سندس ڪنهن به سرندي واري يا چونڊيل نمائندي سارسنڀال نه لڌي آھي ۽ هو ڪنهن مسيحا جو منتظر آھي ته ڪو اچي سندس علاج ڪرائي هن موذي مرض مان سندس جان ڇڏرائي. پورهيت غلام قادر سهتو جو چوڻ آهي ته هن کي پهريان معمولي بخار ٿيو هيو جنهن کان پوءِ سندس مڪمل عضوا سڪي ويا ۽ سندس سڀ ڪجھ هن پنهنجي علاج تي لٽائي ڇڏيو آهي هاڻي هو بي يارو مددگار بستري تي پيل آهي حڪومت توڙي سرندي وارن کان هن مدد جي اپيل ڪئي آھي ته خدارا منهنجي مدد ڪري منهنجو علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو