پشاور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ جي به اجازت ناهي ملي رهي.محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي بنا وارنٽ جي ڇاپا هڻي رهي آهي.هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ پوليس کي بنا وارنٽ جي گرفتاري ۽ ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.محمد علي سيف وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين کي ملاقاتن جي کليل آزادي آهي.هن مطالبو ڪيو ته صوبائي نگران حڪومت فاشسٽ حربا استعمال ڪرڻ بند ڪري.










