پي ٽي آءِ کي بيٽ نه ملي تنهن هوندي به چونڊن ۾ حصو وٺن

سکر (رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ کي بيٽ نه ملڻ باوجود اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي،سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ قانون تي عمل نه ڪيو، ان ڪري کين بيٽ جو نشان ناهي مليو،هن چيو ته ن ليگ انتظار ڪري رهي هئي ته بيٽ کي ڪڍيو وڃي ته پوءِ کيڏنداسين، اسان چاهيون ٿا ته سڀني کي برابري جي ميدان ملي،خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته چونڊون آزاد ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي ذميواري آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان ۾ ڪو به ابهام نه هجڻ گهرجي،پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون ته سڀ نتيجا قبول ڪندا،سندس اهو به چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ضرور آهي پر سندن اميدوار ڪٿي آهن؟

پهنجو تبصرو موڪليو