گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڪيترن ئي سالن تائين جيل مان ٻاهر نه ايندو. گوجرانوالا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عطاءُ تارڙ چيو ته گوجرانوالا جي زمين نواز شريف جي آهي، اسان ثابت قدم رهياسين ۽ زيورن وانگر هٿڪڙيون لڳايون.عطاءُ تارڙ چيو ته جهلم جي چوڌري چوڌرين جون نڪ ڪٽرائي ڇڏيو، هي انڌن ٻوڙن جو ٽولو آهي، جنهن کي حق ۽ باطل جي خبر ناهي، هي جيل ۾ سندن ڪرتوتن سبب آهن،مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته 21 آڪٽوبر جي تاريخ اٽل آهي، ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي، مان پنهنجي پارٽي کي به چوان ٿو ته پارٽي جو احتساب ڪيو وڃي.عطا تارڙ چيو ته نظر رکو ڪير اڪيلو اچي ٿو ۽ ڪير قافلو وٺي ٿو، ٻٽو معيار نه هلندو.
