پي ٽي آءِ چيئرمين صدر کان مايوس آهي: عليما خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جو چوڻ آهي ته پارٽي چيئرمين پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان مايوس آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهيو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو وزن گهٽجي ويو آهي پر سندس حوصلا بلند آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ ورزش ۽ هلڻ لاءِ جاءِ ناهي.عليما خان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته سائفر ڪيس ۾ ڊگهي قيد جي تياري ڪئي پئي وڃي، عمران خان جو چوڻ آهي ته ساڻس ڳالهائڻ لاءِ ڪير به ناهي آيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين صدر کان مايوس آهي ته هو پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهيو، صدر کي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون هيون پر هن پنهنجا اختيار استعمال نه ڪيا.هڪ سوال جي جواب ۾ عليما خان چيو ته جيڪڏهن توهان کيس جيل ۾ وجهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ کيس جيل ۾ وجهنداسين پر سازش ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو