لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن عام چونڊن جي نتيجن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جيل روڊ تي پارٽي آفيس ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن.تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ عورتون به شرڪت ڪري رهيون آهن.پوليس احتجاج ڪندڙ سلمان اڪرم راجا سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.پوليس جي حراست ۾ سلمان اڪرم راجا سميت پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي جيل وين ذريعي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي آءِ جي آپريشنز علي ناصر به جيل روڊ تي پي ٽي آءِ آفيس ٻاهران پهچي ويو آهي.هوڏانهن لاهور پوليس پريس ڪلب ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ليڊي پوليس اهلڪارن پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن کي به حراست ۾ ورتو آهي.
اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو احتجاج
پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ شير افضل مروت، شعيب شاهين ۽ عامر مغل شرڪت ڪري رهيا آهن.نيشنل پريس ڪلب ٻاهران پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ عورتون به موجود آهن.
شيخوپوره پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو
هوڏانهن شيخوپوره ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي خلاف پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شيخوپوره ۾ احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.
افغانستان طرفان بنا فائرنگ، ڀرپور جواب، طالبان پوسٽون ڇڏي فرار
ڪراچي ۾ مڙس مبينا طور زال تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو
شڪارپور ۾ پوليس آپريشن، ڌاڙيل مارجي ويو، 10 کان وڌيڪ زخمي
قلعو عبدالله ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي
برطانيا ۾ وياج جي شرح وڌڻ جو امڪان
گالفر احمد بيگ جي يورپين ٽور تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي
آبادي ۾ واڌ سان گڏ نوان صوبا به ضروري آهن: فاروق ستار
ايران کي معاهدو ڪرڻو پوندو، نه ته جلد معاملو اڪلائيندس: ٽرمپ
مهانگائيءَ جو عذاب، عوام رليف جي متلاشي
سنڌيار ڪراچي 02 نومبر 2026ع
سنڌيار سکر 02 نومبر 2026ع
ڀارت ۽ افغانستان کان آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳتي آهيون، ترجمان
اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال
جرمني ۾ پرتشدد مظاهرا، ڦر لٽ، يورپ جي ٻين ملڪن به احتجاج
خانپور پوليس مبينا مقابلو،ڏوهاري مارجي ويو
صوبن ۽ 28هين ترميم خلاف عوامي تحريڪ جون ڪانفرنسون
پاڪستان گروپ 24 جي صدارت سنڀالي ورتي
پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿا ڏسي سگهون
سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري
گهريلو ڪنيڪشنن تي پابندي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ










