پي ٽي آءِ باني اخبار ۾ آرٽيڪل نه لکڻ جو اعتراف ڪيو:سولنگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني اعتراف ڪيو آهي ته هن پرڏيهي اخبار ۾ آرٽيڪل ناهي لکيو.سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته هي آرٽيڪل آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تيار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني آرٽيڪل ۾ رياست ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق نه ڪئي.مرتضيٰ سولنگي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪجهه نيم پڙهيل لکيل اينڪرز ۽ پرڏيهي صحافي اي آءِ جي ٺڳيءَ تي خوشيون پيا ملهائين،نگران وفاقي سڌ سماءَ واري وزير جو اهو به چوڻ آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ جا حامي به اي آءِ جي تي چالبازيون ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو