پي سي بي ۾ وقار يونس جي مقرري خلاف ٻڌڻي ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صلاحڪار وقار يونس جي مقرري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواستگذار کي مقرري جو نوٽيفڪيشن درخواست سان شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي عدالت جي موڪلن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪرڪيٽ جا ضابطا ڇا ٿا چون توهان متاثر ڌر ڪيئن آهيو؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مقرري جو نوٽيفڪيشن بغير اشتهار جاري ڪيو ويو، وقار يونس جي صلاحڪار طور مقرري خلاف قانون آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو