پي ايم ڊي سي جو ايم ڊي ڪيٽ  لاءِ پاسنگ مارڪن ۾ گهٽتائي

پي ايم ڊي سي جو ايم ڊي ڪيٽ لاءِ پاسنگ مارڪن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ايم ڊي سي جو وڏو فيصلو، ايم ڊي ڪي اي ٽي جا پاسنگ مارڪ گهٽائي ڇڏيون،پي ايم ڊي سي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ خالي سيٽن کي ڀرڻ لاءِ پاسنگ فيصد ۾ 3 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو آهي.ايم بي بي ايس لاءِ پاسنگ مارڪ 55 سيڪڙو کان گهٽائي 52 سيڪڙو ڪيا ويا آهن، ۽ بي ڊي ايس لاءِ پاسنگ مارڪ هاڻي 50 سيڪڙو جي بدران 47 سيڪڙو هوندا.پي ايم ڊي سي سڀني يونيورسٽين کي 15 اپريل 2026 تائين داخلا مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اڳ ۾ ئي قابليت رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني وڃي، ۽ جيڪڏهن سيٽون خالي رهن ته رعايت لاڳو ٿيندي.خانگي طبي ادارن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته مستحق شاگردن جي فيس گهٽ ڪن. نوٽيفڪيشن موجب، داخلا ۾ ميرٽ ۽ شفافيت هر قيمت تي برقرار رکي ويندي.پي ايم ڊي سي مقرر ڪيل فيس کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ادارن خلاف سخت ڪارروائي جي خبردار ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو