پي ايف يو جي پاران حامد مير جو شو بند ڪرڻ جي مذمت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جيو نيوز جي اينڪر ۽ صحافي حامد مير کي پنهنجي شو  ڪيپيٽل ٽاڪ  تان آف ايئر ڪرڻ واري معاملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي پابندي حڪومت طرفان اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جي دعوائن کي رد ڪري ٿي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي حامد مير چيو ته چينل انتظاميه پاران کيس چيو ويو آهي ته هو سومر (اڄ) کان آن ايئر نه ويندو، اها ڳالهه ٻن ٽن ڏينهن کان هلي رهي هئي. حامد مير چيو ته انتظاميا مون کان پريس ڪلب جي سامهون تقرير جي وضاحت يا ترديد ڪرڻ لاءِ چيو ، مون هنن کان پڇيو ته توهانکي ڪير چئي رهيو آهي، مون هنن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اسد طور تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته مان وضاحت ته ٺهيو پر معافي وٺڻ لاءِ به تيار آهيان. ٽوئٽر تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ ، حامد مير وڌيڪ چيو ته اهو سڀ هن لاءِ نئون ناهي. ”مون تي ٻه ڀيرا پابندي وڌي وئي ۽ ٻه ڀيرا نوڪري مان ڪڍيو ويو، مان حملن جي باوجود زنده آهيان پر آئون آئيني حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ کي روڪي نٿو سگهان. هن وقت مان ڪنهن به قسم جي نتيجن ۽ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيان ڇاڪاڻ ته هو منهنجي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي جيو نيوز جي انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته حامد مير اڄ کان پنهنجي شو جي ميزباني نه ڪندو، هو ڪجهه عرصي لاءِ “موڪل” تي پيو وڃي، انتظاميه موجب حامد مير اڃان به جيو نيوز جو حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو