لاهور (ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 10) جي فائنل ۾ لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي لاهور قلندرز خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ڪوئيٽا پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.ڪوئيٽا طرفان حسن نواز 43 بالن تي 76 رنسن جي اننگز کيڏي، فرنينڊو 29 ۽ چنديمل 22 رنسون اسڪور ڪيون. فهيم اشرف 8 بالن تي 28 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو.لاهور قلندرز طرفان شاهين آفريدي 3، سلمان مرزا 2 ۽ حارث رئوف 2 وڪيٽون ورتيون. لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي هڪ دلچسپ ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جو فاتح بڻجي ويو. 202 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي، لاهور قلندرز آخري اوور جي پنجين بال تي 202 رنسن جو هدف حاصل ڪيو.لاهور قلندرز لاءِ، ڪشال پريرا ناقابل شڪست 62 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 4 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا.انهن کان علاوه، محمد نعيم 46 ۽ عبدالله شفيق 41 رنسون ٺاهيون. سڪندر رضا 22 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، هن 7 بالن ۾ 2 چوڪا ۽ 2 ڇڪا هنيا.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ، محمد عامر، فهيم اشرف، ابرار ۽ عثمان طارق هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










