لاهور: (ويب ڊيسڪ) پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، پي ٽي اي سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.صحافي جعفرين يار پنهنجي وڪيل جي حوالي سان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ماضي ۾ پيڪا کي خاموش هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، پيڪا ترميمي ايڪٽ ۾ نئين سزائن جي اضافي سان ملڪ ۾ رهي ويل ٿوري به آزادي ختم ٿي ويندي.درخواستگذار چيو ته پيڪا ترميمي بل جي منظوري سان آئين ۾ ڏنل اظهار جي آزادي سخت متاثر ٿيندي، پيڪا ترميمي ايڪٽ غير آئيني ۽ آئين ۾ ڏنل اظهار جي آزادي سان تڪراري آهي.درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته عدالت پيڪا ترميمي ايڪٽ کي غير آئيني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ پيڪا ترميمي ايڪٽ جي تحت ٿيندڙ ڪارروائين جي درخواست کي حتمي فيصلي سان مشروط ڪري.










