پيپلز پارٽي لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر قانوندان ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي.پيپلز پارٽي جي ترجمان لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پيپلز پارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل لطيف کوسا جي سي اي سي جي ميمبرشپ به معطل ڪري ڇڏي آهي.پيپلز پارٽي جي ترجمان موجب لطيف کوسا مدو پورو ٿيڻ باوجود شوڪاز نوٽيس جو جواب ناهي ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو