پيپلزپارٽي جي حڪومت کي 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي، حڪومت کي 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، چونڊن سڌارن بابت ڪميٽي ۾ پ پ جي ميمبر نويد قمر چيو آهي ته پ پ اليڪشن کان اڳ چونڊ سڌارا چاهي ٿي، چونڊ سڌارن تي سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، چونڊ سڌارن ۾ آر ٽي ايس جهڙا معاملا انتهائي اهم آهن پيپلزپارٽي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، اُن بابت حتمي فيصلو وفاقي سرڪار کي ڪرڻو هوندو، نگران سيٽ اپ ڪنهن به صورت ۾ آئيني مُدي کان اڳتي نه وڃڻ گهرجي، موجوده سيٽ اپ جي مُدي ۾ واڌ جي حمايت ڪريون ٿا، موجوده اسيمبلي جي مُدي ۾ واڌ بابت قانونسازي تي پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو