پيٽروليم جا ٻه جهاز يو اي اي ۽ هڪ آذربائيجان مان خريد ڪنداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته يو اي اي کان پيٽروليم شين جا ٻه جهاز حڪومتي سطح تي خريد ڪيا ويندا، جڏهن ته پيٽروليم شين جو هڪ جهاز آذربائيجان مان خريد ڪيو ويندو.ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف کان 9 مهينن جو رليف مليو آهي پر آءِ ايم ايف معاهدي کانپوءِ معيشت جي بحالي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا، جڏهن ته ايندڙ حڪومت کي آءِ ايم ايف معاهدي سان ڪو به مسئلو نه ٿيندو. هن چيو ته حڪومت آگسٽ ۾ پنهنجو مدو پورو ڪندي جنهن کانپوءِ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، چونڊون 60 ڏينهن کان به گهٽ وقت ۾ ٿينديون.مملڪتي وزير چيو ته بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽر لڳايا پيا وڃن، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه فيڊرز تي 80 سيڪڙو تائين بجلي چوري ٿيندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پيٽرول تي ليوي 5 کان 7 رپيا وڌيڪ ٿي سگهي ٿي پر ايندڙ ڏينهن ۾ تيل جي اگهن ۾ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.مصدق ملڪ چيو ته اسان ٻه نوان معاهدا ڪيا آهن، هڪ گڏيل عرب امارات سان، پر اڃا تائين امارات سان معاهدو نه ٿيو آهي.هن چيو ته پيٽروليم شين جا ٻه جهاز يو اي اي کان حڪومتي سطح تي خريد ڪيا ويندا، جڏهن ته پيٽروليم شين جو هڪ جهاز آذربائيجان مان خريد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو