پيمرا جو يوٽرن،فيض آباد ڪيس جي نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ پيمرا فيصلي خلاف نظرثاني درخواست به واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست واپس وٺڻ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت 28 سيپٽمبر تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيمرا نظر ثاني جي درخواست جي پيروي نٿو ڪرڻ چاهي، ان ڪري پيمرا جي متفرق درخواست منظور ڪري فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي خلاف نظرثاني واري درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو