پشاور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري خلاف خيبرپختونخواهه ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس خيبر ضلعي ۾ جمرود جي علائقي شاڪس جي رهواسي 22 جون تي داخل ڪرايو. داخل ڪيل ڪيس جي ايف آءِ آر جي متن موجب پير نورالحق قادري پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف غير اخلاقي لفظ استعمال ڪيو. هن شهرين کي پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف ڀڙڪايو ۽ پاڪ فوج مرده باد جا نعرا لڳرايا.
