پير بخش ملڪ ۾ باهه سبب 6 گهر سڙي تباهه

خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال) ڳوٺ پير بخش ملڪ ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ ڳوٺ جي 6 گهرن ۾ پيل الھه تلھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو. چانھه تيار ڪرڻ دوران چلھه مان اٿيل  چڻنگ لڳڻ ڪري ڳوٺاڻن حاجي ڪريم بخش ملڪ، نورالدين ملڪ، خالد ملڪ، الله بخش ملڪ، امير الدين ملڪ ۽ لعل الدين ملڪ جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جو فوري طور تي خانڳڙھ جي فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو پر ڳوٺ گهڻي مفاصلي تي هجڻ ڪري فائر برگيڊ جي پهچڻ کان اڳ ئي باھ ڄاڻايل ڳوٺاڻن جي گهرن کي  رک ڪري ڇڏيو. گهرن اندر پيل سمورو سامان، کٽون، بسترا، روڪ رقم، چوپايو مال ۽ کاڌي پيتي جون شيون باھ جي نظر ٿي ويون، باھ لڳڻ وقت ڳوٺاڻا رڳو پنهنجون جانيون بچائي گهرن مان ٻاهر نڪري سگهيا. جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر باھ جي شعلن ڳوٺاڻن جو لکين روپين جو نقصان ڪري ڇڏيو. هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر سندن ڪنهن به سار ناهي لڌي. ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي سار لڌي وڃي ته جيئن ٻچڙن جو اجهو ٺاهي سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو