پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ جو مطالبو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڪوٽڙي جي رهواسڻ ناري عظميٰ خاصخيلي ۽ دوڙ واسي نوجوان نزاڪت علي بروهي پسند جي شادي ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ صحافين آڏو دانهيندي ناري عظميٰ خاصخيلي چيو ته پسند جي شادي بعد سندس وارثن نواز، اعجاز ۽ اسد خاصخيلي ڪاري قرار ڏئي مارڻ چاهين ٿا. جڏهن ته انهن سندس مڙس نزاڪت بروهي خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي جنهن سبب پوليس ۽ سندس وارث کين ڳولي رهيا آهن ۽ هوءَ پنهنجي مڙس سميت زندگي بچائڻ لاءِ دربدر آهي. هن چيو ته پوليس سندس مڙس جي چاچي ڪريم بخش ۽ سئوٽ فيصل کي اغوا جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کين پيش پوڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن چيو ته سندس مڙس ۽ ان جي وارثن مٿان داخل اغوا جو ڪيس ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن نزاڪت علي سان جسٽس آف پيس وٽ نڪاح ڪيو آهي ۽ اهڙيون ڪاپيون ڪوٽڙي ٿاڻي ڏانهن به موڪليون آهن. هنن چيو ته سندس مڙس ۽ وارثن خلاف داخل ڪيس ختم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن هو عزت ڀري زندگي گذاري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو