پوليس گشت وڌائڻ جي هدايت،امن امان اولين ترجيح آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنو عاقل مان ٻارڙي جي اغوا جو نوٽيس ورتو. پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو ته ٻارڙي کي فوري طور بازياب ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.صوبائي وڏي وزير آءِ جي پوليس کان سوال ڪندي چيو ته جڏهن ڌاڙيل گهر ۾ داخل ٿيا ته پوليس علائقائي پوليس ڪٿي هئي، گشت وڌايو وڃي،سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا جو چوڻ آهي ته وڏي وزير آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايتون جاري ڪيون آهن ته پوليس ڏوهن جي روڪٿام لاءِ روزاني جي بنياد تي سي ايم سيڪريٽريٽ کي رپورٽ پيش ڪري.سندس چوڻ آهي ته پوليس کي گهرجي ته ٻارڙي جي والدين سان رابطي ۾ رهي ۽ ٻارڙي جي بازيابي کانپوءِ فوري طور رپورٽ ڪري. ان کان علاوه پوليس گشت بهتر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ به آپريشن تيز ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو