پوليس پاران 3 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڳڙهي ياسين(ن س) شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي روڊ تان ڊکڻ پوليس بدنام ڏوهاري مجاهد خروس کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پوليس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڏوهارين بابت ڳجهو اطلاع مليو جنهن تي اسان چمني بٺا وٽ اڳواٽ پهچي کين گرفتار ڪيو آهي. گرفتار ڪيلن ۾ پوليس اهلڪار جي قتل، ڦر، ڌاڙن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري مجاهد عرف بوجو خروس ۽ ٻن ڄڻن شوڪت ۽ پنڃل ڳاهيجو شامل آهن. پوليس جو چوڻ هو ته چانڊيا برادري ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ جوابدارن کي پڪڙي گرفتار ڪرڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن. ٻئي طرف گرفتار ٿيل ڏوهارين چيو ته اسان روڊ تي هٿين خالي وڃي رھيا هياسين ته پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي، برادري جي جهيڙن جا ڪيس آهن ڏوهاري ناهيون،پوليس اسان مٿان مقابلي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو