پوليس سرپرستي ۾  ھر آچر ۽ جمعي تي ڪڪڙن جو ميل

پوليس سرپرستي ۾ ھر آچر ۽ جمعي تي ڪڪڙن جو ميل

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) موڇڪو ٿاڻي جي حد رئيس ڳوٺ قنمبراڻي نگر پھاڙي تي پوليس سرپرستي ۾ ھر آچر ۽ جمعي تي ڪڪڙن جي ميل تي سوين وڏا جواري پھچي، ڇڪي گھوڙي تي لکين روپين جي جوا تي ھزارين ماڻھو ھٿ صاف ڪرڻ لڳا، حد جي ايس ايڇ او ھر ميل تي ھڪ لک روپيه ڀتو مقرر ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب موڇڪو ٿاڻي جي حد رئيس ڳوٺ قمبراڻي نگر پھاڙي تي حيدر رند، اڪبر گھوٽو، منور عرف منو ڪٻاڙي، پٺاڻ لالا ۽ ٻين جي سربراھي ۾ ايس ايڇ او موڇڪو جي سر پرستي ھيٺ ھر آچر ۽ ڀلاري ڏينھن جمعي تي سري عام ميل تي شانميانا لڳائي ڪڪڙن جي ھر جوڙي تي لکين روپين جي بازي سان گڏ سوين ڪڪڙن جا جوڙا وڙھائڻ لڳا، جنھن ۾ ڇڪي ۽ گھوڙي جوا تي جواري لکين روپيه الڳ لٽائڻ لڳا، پوليس سرپرستي ۾ ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ کان جواري ميل تي پھچي بي خوف خطري سان لکين روپيا جوا کيڏندا آھن، مٿيان جوابدار ايترا ته بدمست آھن جو ڪنھن صحافي يا ڪنھن عام ماڻھو کي مجال جو ويڊيو ڀرڻ ڏين، ڪنھن تي ويڊيو ڀرڻ جي ٿورڙي شق تي موبائيلون ڦري چيڪ ڪندا آھن مٿان وري داٻو ڏيئي چوندا آھن ته اسان کي ايس ايڇ صاحب طرفان حڪم ٿيل آھي ته جي ڪو صحافي اچي حرڪت ڪن ته انھن کي پڪڙي منھنجي حوالي ڪريو ته آء انھن تي ڀتي جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪندس، حڪومت سنڌ، وزيرآعلى سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس کي گذارش آھي ته ھن راشي ايس ايڇ او موڇڪو کي ھٽائي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري جوا جي ميل کي بند ڪرايو وڃي، جئين ھن ڪڌي ڪم کان ماڻھون بچي سگھن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو