پوليس جي زبردست ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار

ڪنڊيارو(اسد جعفري) پوليس جي زبردست ڪارروائي، ٽي ڏينهن اڳ شهر جي هڪ هول سيل دڪان مان چوري ٿيل 10 لک روپيه هٿ، ٻه جوابدار گرفتار. ڊي ايس پي ڪنڊيارو عبدالحميد پنهور ۽ ايس ايڇ او اختر علي ابڙو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ شهر جي مين بازار ۾ واقع هول سيل جي دڪاندار جاويد شيخ  ۽ ذوالفقار سيال جي دڪان جي ڇت ٽوڙي جوابدار 10 لک روپيه روڪ چوري ڪري ويا هئا پوليس ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊاڪٽر محمد فاروق جي سخت هدايتن تي انٽليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن عبدالقيوم پنهور ۽ زاهد ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو. جاچ دوران جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪندي چوري ڪيل رقم پوليس حوالي ڪئي ، جيڪا ميڊيا، شهرين ۽ دڪاندارن جي سامهون دڪان مالڪن حوالي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته روڪ رقم هٿ ڪري باسلامت مالڪن حوالي ڪرڻ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي. ان موقعي تي شهرين پاران ڊي ايس پي  ۽ ايس ايڇ او کي هار پارايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو