بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) پوليس جو ڪمال پوليس اهلڪار جو پُٽ ۽ ٻيا ڦر جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران فريادين تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، شهرين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو اڪندي نصاف جو مطالبو ڪيو آهي. شهر جي حاجي هاشم خاصخيلي پاڙي جي رهواسين ياسر سيال سلطان بوهڙ نوراحمد انصاري ۽ ٻين قاضيا واھ پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو تہ عيد کان ڪجھ ڏينھن پهرين پوليس اهلڪار رشيد ملاح جو پُٽ سجاد ملاح ۽ سندس ساٿين قدير ڀٽي کان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي جن کي پاڙي وارن جي مدد سان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او مير محمد گاڏهي پوليس اهلڪار رشيد ملاح جي ونگار وهندي ڦر ۾ ملوث سندس پٽ جوابدار سجاد ملاح ۽ ساٿي کي آزاد ڪري اسان تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ سيشن جج بدين کان گهر ڪئي تہ جوابدار گرفتار ڪري پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
