دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو لڳ ڳوٺ خدابخش ٻٻر ۾ رهندڙ ھڪ غريب خاندان غربت سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ،پورھيت وريام ٻٻر جي نياڻي 18 سالا ناري عابده ٻٻر فالج جو شڪار، نياڻي جي والد وريام ٻٻر ٻڌايو ته مان هڪ مزدور آھيان، وس آھر مون نياڻي جو اعلاج ڪرايو آھي، هن مهل تائين پرائيويٽ خوشحالي بئنڪ ۽ يو بئنڪ سميت ڏيڍ لک جو قرضي آھيان پر نياڻي جي حالت روز بروز سڌرڻ بجاءِ بگڙجندي پئي وڃي، مون وس آهر نياڻي جو اعلاج ڪرايو آهي پر هاڻي مون وٽ ايترا پئسا نه آهن جو نياڻي کي ڪنهن اسپتال کڻائي وڃان، ۽ ان جو سٺو اعلاج ڪريان مان 500 سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائڻ وارو بيماري جي ڪيان يا ٻچن جو پيٽ پاليان هن دادو جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ پير مجيب الحق کي ميار ڏيندي چيو ته اليڪشن جي وقت ووٽ وٺڻ مهل ته اچن ٿا باقي ڏکي گهڙي ۾ اسان جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ڪير به لڙي نه آيو آھي، هن دادو جي چونڊيل عوامي نمائندن، بيت المال، زڪوات و عشر جي صوبائي سيڪريٽري، سيد جڙيل شاھ ٽرسٽ دادو جي چيئرمين، ۽ ڊي سي دادو سميت سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي منهنجي بيمار نياڻي جو اعلاج ڪرايو وڃي ۽ بئنڪن مان کنيل قرض واپس ڪرايو وڃي.










