خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر ويجهو ٻن پورهيتن جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، الھ تلھ سڙي رک ،متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، مدد جي اپيل، خبر موجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ يار محمد ملڪ ۾ ٻن پورهيتن رسول بخش ۽ امداد ملڪ جي گهرن کي باھ لڳي وئي،باھ لڳڻ ڪري گهرن اندر پيل اناج ،کٽون ،بسترا توڙي ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو،جڏهن ته گهر ڀاتي رڳو جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيا، ڳوٺاڻن پهچي گهرن کي لڳل باھ تي ضابطو آڻي ورتو پر باھ پورهيت جا اجھا ساڙي ڇڏيا، متاثر ڳوٺاڻن موجب باھ سبب الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون سهائتا ڪئي وڃي.










