پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو . پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سنڌ حڪومت پهرين مئي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي صوبائي چيف سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيڪفيشن موجب، ايندڙ اربع تي صوبي ۾ سموريون سرڪاري ۽ خانگي آفيسون بند رهنديون ۽ پورهيتن سان ايڪي جي اظهار لاءِ تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. نوٽيڪفيشن ۾ چيو ويو آهي ته نجي ادارن کانسواءِ سنڌ حڪومت جي ماتحت سمورن ادارن ۽ کاتن ۾ پڻ موڪل هوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو